ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران طوفاني برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 99 ٿي ويو آهي، پراونشل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) خميس تي رپورٽ ڪئي آهي
پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب طوفاني برساتن سبب فوت ٿيلن ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي ۾ مختلف واقعن ۾ 39 مرد، 28 عورتون ۽ 32 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا. برسات سبب شهر بولان، ڪوئيٽا، مستونگ، ڪيچ، هرنائي، قلعه سيف الله، سبي، ژوب، دڪي ۽ خضدار ۾ فوتگيون ٿيون
