جيو نيوز ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته انٽيليجنس بيورو جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آفتاب سلطان کي قومي احتساب بيورو جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي
ان حوالي سان ڄاڻ رکندڙ ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سلطان جي مقرري جي منظوري ڏني وئي
اتحادي پارٽين سلطان کي نيب چيئرمين بڻائڻ جي تجويز جي مخالفت ڪئي هئي. جڏهن ته مسلم ليگ ن صلاح مشورا ڪيا ۽ آخرڪار سندس مقرري جو فيصلو ڪيو
سلطان ٻه ڀيرا آءِ بي جو ڊي جي رهي چڪو آهي ۽ 22 گريڊ جي آفيسر طور سينيئر پوسٽن تي پوليس کاتي سان لاڳاپيل رهيو آهي
