Hot Posts

خراب موسم جي ڪري ٽرينون گهڻي دير جو شڪار آهن

 

ڪراچي

ڪراچي: سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ خراب موسم ۽ تيز برسات سبب پاڪستان ريلوي جون ٽرينون روانگي ۽ آمد ۾ دير جو شڪار آهن

 

ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس 6 ڪلاڪ کان وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وئي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاهه حسين ايڪسپريس به 5 ڪلاڪ 40 منٽ دير سان رواني ٿي آهي

 

ڪراچي کان لاهور ويندڙ پاڪ بزنس ايڪسپريس 5 ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ خيبر ميل ايڪسپريس 4 ڪلاڪ 40 منٽ جي دير ٿي

 

ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس فيصل آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ 3 ڪلاڪ 30 منٽ دير سان رواني ٿي

ڪراچي راولپنڊي ۽ فيصل آباد کان هلندڙ پاڪستان ايڪسپريس 3 ڪلاڪ 30 منٽ جي دير ٿي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس 3 ڪلاڪ 30 منٽ جي دير ٿي رهي آهي

 

ڪراچي کان لاهور ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي. ڪراچي ۽ فيصل آباد کان ملڪوال ذريعي هلندڙ ملت ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي

 

ڪراچي کان لاهور ويندڙ فريد ايڪسپريس 3 ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيز گام ايڪسپريس 2 ڪلاڪ 30 منٽ جي دير ٿي

 

ڪوئيٽا کان لاهور ويندڙ جعفر ايڪسپريس 2 ڪلاڪ 30 منٽ جي دير ٿي. ڪراچي کان لاهور ويندڙ عوام ايڪسپريس ٻه ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي

 

ڪراچي کان لاهور ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس ٻه ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي. راولپنڊي ۽ ڪراچي وچ ۾ هلندڙ سر سيد ايڪسپريس فيصل آباد کان به ٻه ڪلاڪ دير سان هلي رهي آهي