Hot Posts

پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ بلدياتي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

 


پي ٽي آءِ بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

علي زيدي چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي


پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي اعلان کانپوءِ حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پارٽي بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ کي رد ڪري ٿي


هن الزام هڻندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ کي چونڊن ۾ شڪست جي خبر هئي، ان ڪري هنن هي قدم کنيو