وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معاشي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو
اجلاس ۾ معيشت سان لاڳاپيل اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا جنهن ۾ سببن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي
وزيراعظم جي اقتصادي ٽيم معاشي صورتحال بابت حقيقتن تي بريفنگ ڏيندي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي پٺتي پيل معاشي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي
تفصيل موجب اجلاس ۾ معيشت سان لاڳاپيل اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا جنهن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ تازي واڌ جي سببن ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويندو
وزيراعظم جي معاشي ٽيم ملڪ جي معاشي صورتحال بابت حقيقتن تي بريفنگ ڏيندي
ٻئي طرف ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت کي ايل پي جي تي ليوي جي شرح جو ٻيهر جائزو وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، جڏهن ته پاور ڊويزن طرفان ڪي اليڪٽرڪ لاءِ ٽيرف ريجنلائيزيشن جي سمري پيش ڪئي وئي
هوڏانهن اتحادين مطالبو ڪيو آهي ته اتحادي حڪومت مهانگائي خلاف عوام لاءِ فوري رليف جو اعلان ڪري يا عام چونڊن ۾ حصو وٺي
ان حوالي سان لاهور ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، جهموري وطن پارٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي اتحادي سياسي پارٽين جي مقبوليت ۾ داغ وجهي رهي آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان نه ڪري سگهي ته چونڊن طرف هلي وڃي
