Hot Posts

پاڪ فوج بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ شهري ٻوڏ دوران اختيارين جي مدد ڪندي


 راولپنڊي: پاڪ فوج جا جوان بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بچاءَ ۽ امدادي ڪمن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جا جوان بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن

 

آءِ ايس پي آر جي رپورٽ موجب پاڪ فوج ۽ ايف سي بلوچستان ايمرجنسي رسپانس ٽيمون مسلسل پاڻي نيڪال ڪرڻ، متاثرن کي بنيادي خوراڪ ۽ طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن

 

متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپن ۽ ٽينڪرز ذريعي ڪڍيو پيو وڃي. بولان، لسبيلا، اوٿل، جھل مگسي ۽ غذر ۾ ٻوڏ دوران ڦاٿل 700 کان وڌيڪ خاندانن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو

 

پاڪ فوج پاران حب، لسبيلا، اوٿل، زيرو پوائنٽ، ديودار ۽ غذر گلگت بلتستان ۾ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، جتي ماڻهن کي طبي سهولتون ۽ مفت دوائون ڏنيون پيون وڃن. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته لسبيلا، اوٿل، جهل مگسي، خضدار ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ 7.5 ٽن کاڌي پيتي جو سامان، شيلٽرز ۽ ٻيو امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي