Hot Posts

لياري ۾ گهر گهر تلاشي دوران بايو ميٽرڪ چيڪنگ، 3 شڪي گرفتار

 


ڪراچي: شهر قائد جي علائقي لياري ۾ رات دير تائين پوليس ڪومبنگ آپريشن ڪيو. ان دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي ڊيٽا بائيو ميٽرڪ ذريعي چيڪ ڪئي وئي ۽ 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو

 

اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات لياري جي مختلف علائقن کي عام ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو، داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا سيل ڪيا ويا، جنهن بعد گهر گهر تلاشي جو عمل شروع ڪيو ويو

 

آپريشن دوران پوليس بائيو ميٽرڪ ذريعي ڪيترن ئي ماڻهن جي ڊيٽا چيڪ ڪئي. جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو. آپريشن دوران ڪيترن ئي هوٽلن جي ملازمن جي گهرن جي به تصديق ڪئي وئي