اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ سال 5 جي ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي ويندي

 

امين الحق چيو ته پاڪستان ۾ آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، رابطا ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي جي اهم شعبن ۾ تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن

هن چيو ته پاڪستان ۾ شهرين کي جديد ۽ تيز ترين ڊيٽا ٽرانسفر ٽيڪنالاجي  5 جي فراهم ڪرڻ جون تياريون مڪمل آهن، مقامي سطح تي گهربل ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي متعارف ڪرايو ويندو

 

ان موقعي تي ايريڪسن ڪمپني جي آفيسرن ايڪو نيلسن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جا منصوبا ساراهه جوڳا آهن، ايريڪسن ڪمپني 40 نوان آئي ٽي گريجوئيٽ، مردن ۽ عورتن کي اعليٰ تربيت ۽ روزگار فراهم ڪندي