Hot Posts

روهڙي؛ جلوس ۾ دم گهٽجڻ سبب 6 عزادار فوت ۽ ڪيترائي بي هوش ٿي ويا

 



روهڙي: سنڌ جي علائقي روهڙي ۾ محرم الحرام جي جلوس دوران 6 عزادار دم گهٽجڻ سبب فوت، ڪيترائي بي هوش ٿي ويا

ايڪسپريس نيوز موجب سنڌ جي شهر روهڙي ۾ 9 محرم الحرام تي شيعا برادري جي جلوس دوران 6 عزادار دم گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي بي هوش ٿي ويا

فوت ٿيل 6 عزادارن مان ٽن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. فوت ٿي  ويلن ۾ گڊو جو رهواسي دل شير پٽ مورزادو، سکر لوڪل بورڊ جو رهواسي حسن پٺاڻ ۽ هالاڻي جو رهواسي منصور پٽ بشير احمد شامل آهن

امدادي ذريعن موجب فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد وڏي انگ ۾ ماڻهو اسپتال پهچي ويا