ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي موقعي تي 75 رپين جي يادگاري نوٽ جو ڊيزائن جاري ڪري ڇڏيو آهي

 

ايڪسپريس نيوز موجب نوٽ تي اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر رضا سيد جا دستخط آهن، جڏهن ته 75 رپين جو ڪرنسي نوٽ 30 سيپٽمبر کان عوام کي جاري ڪيو ويندو

نوٽ سائي ۽ اڇي رنگ ۾ ڇپيل آهي جنهن جي سامهون واري پاسي قائداعظم محمد علي جناح، فاطمه جناح، علامه اقبال ۽ سر سيد احمد خان جون تصويرون آهن


نوٽ جي پڄاڻي واري پاسي ديار جي وڻ ۽ مارخور جي تصوير آهي، جيڪا ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ترجيح جي علامت آهي

 

ياد رهي ته 75 روپين جو يادگار نوٽ ٻين ڪرنسي نوٽن وانگر سڀني حفاظتي خاصيتن سان ليس آهي