اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو 

صحت واري وزارت جي ترجمان موجب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) 40 کان وڌيڪ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري صحت واري وزير کي موڪلي ڇڏي آهي

وفاقي وزير چيو ته هڪ به دوا جي قيمت ۾ واڌ نه ٿيندي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ حڪومت صحت جي شعبي ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي

وفاقي وزير چيو ته صحت جي شعبي ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ سمورا ضروري اپاءَ ورتا پيا وڃن، اسان عوام جا ماڻهو آهيون ۽ عوام جي خدمت اسان جو مقصد آهي