Hot Posts

ڪعبي جي چوڌاري رڪاوٽون هٽايون ويون

 


مڪي: ڪعبي شريف جي چوڌاري رڪاوٽون هٽايون ويون. ڪرونا جي وبا سبب اڍائي سال اڳ رڪاوٽون لڳايون ويون هيون

حرمين شريفين جي نگران اداري موجب ڪعبة الله جي چوڌاري لڳايل رڪاوٽون هٽايون ويون آهن. ڪورونا سبب اڍائي سال اڳ بيريرز لڳايا ويا هئا

سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته هاڻي زائرين ڪعبي کي ڇهندا، حجر اسود کي چمي سگهندا ۽ حطيم ۾ داخل ٿي سگهندا، رڪاوٽون هٽائڻ کانپوءِ زائرين جي وڏي انگ ڪعبي جي زيارت ڪئي ۽ نماز ۽ نوافل ادا ڪيا

حرمين شريفين معاملن جي صدر شيخ عبدالرحمان السديس جي حڪم تي ڪعبي جي چوڌاري رڪاوٽون هٽايون ويون آهن