Hot Posts

محرم؛ سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي


 ڪراچي: سنڌ حڪومت محرم الحرام دوران امن امان کي نظر ۾ رکندي موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي 

سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. قلم 144 تحت ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي 

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ 5 کان 10 آگسٽ تائين موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي هوندي پر ٻارن، بزرگ شهرين ۽ صحافين کي ڊبل سواري تي پابندي کان استثنيٰ حاصل هوندو