مرڪزي سنڌ جي تصوير ۾ نيرو رنگ برسات جو پاڻي ڏيکاري ٿو جيڪو 100 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي (فوٽو: موڊس سيٽلائيٽ)

واشنگٽن: ناسا پنهنجي سيٽلائيٽ تصويرن کي ڏسندي انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏن سبب سنڌ جي علائقي ۾ درياهه جو وهڪرو پنهنجي ڪنارن کان هيٺاهون ٿي ويو آهي ۽ ان جي وسعت ۽ عارضي طور تي هڪ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي

 

ان کان هڪ ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ تباهي واري ٻوڏ کي موسمياتي آفت قرار ڏيندي سڄي دنيا کان تعاون وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو

 

ٻئي طرف ارضياتي تبديلين جي نگراني ڪندڙ يورپي سائنسي فورم ’ڪوپرنيڪس‘ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهي واري ٻوڏ جو سبب مون سون جو نظام آهي، جيڪو هن سال گهٽ ۾ گهٽ 10 ڀيرا وڌيڪ شديد ٿي ويو آهي

ناسا 28 آگسٽ تي موڊس سيٽلائيٽ سينسر ذريعي تصويرون جاري ڪيون آهن، جنهن ۾ ڏٺو ويو آهي ته طوفاني برساتن ۽ درياهه جي وهڪري سبب پاڻي جو وڏو مقدار ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي ميداني علائقي جو وڏو علائقو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي

ناسا موجب هي سڄو علائقو زرخيز زرعي علائقو هو جيڪو سخت متاثر ٿيو آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 1150 ماڻهو ٻوڏ جي تباهي سبب فوت ٿي چڪا آهن، زخمين جو انگ هزارن ۾ آهي، 5 لک حامله عورتون آخري مرحلي ۾ امداد جي انتظار ۾ آهن ۽ مالي نقصان جو اندازو 10 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي


 

ناسا موجب 1961ع کان وٺي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط مون سون ڏٺو ويو آهي، جنهن جي تصديق موسميات کاتي به ڪئي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ معمول کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتن ۾ آباديون ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. فصل لڙهي ويا آهن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي