اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جو 47 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ويو، 1975 کانپوءِ پهريون ڀيرو مهانگائي جي سالياني شرح 27.3 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي 

تفصيل موجب 2008ع ۾ مهانگائي جي شرح 25.3 سيڪڙو ٿي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي شرح آگسٽ 2022ع ۾ 27.3 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، جيڪا آگسٽ 2021ع ۾ 8.3 سيڪڙو هئي. آگسٽ 2022 ۾، مهانگائي شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌيڪ هئي

وفاقي شماريات بيورو پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 28.8 سيڪڙو جڏهن ته شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 26.2 سيڪڙو رهي آهي، مهانگائي جي شرح 47 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي

شماريات کاتي موجب گذريل مهيني دال ۽ اناج 15.27 سيڪڙو، ڀاڄيون 13.44 سيڪڙو، ميوا 20 سيڪڙو، ڪڪڙ 11.54 سيڪڙو ۽ موٽر فيول 2.60 سيڪڙو مهانگو ٿيو. گذريل مهيني دال ماش جي قيمت ۾ 12.47 سيڪڙو، دال مسور جي قيمت ۾ 11.76 سيڪڙو، چنا جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو، انڊن جي قيمت ۾ 7.53 سيڪڙو ۽ بيسن جي قيمت ۾ 6.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي 

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران آلو جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو، ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 2.5 سيڪڙو، بجلي جي اگهن ۾ 19.73 سيڪڙو جڏهن ته تيار ٿيل ڪپڙن جي قيمتن ۾ 8 سيڪڙو ۽ تعميراتي سامان جي قيمت ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو 

شماريات واري بيورو موجب هڪ سال دوران بجلي 123 سيڪڙو ۽ پيٽرول 84 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو آهي، آگسٽ 2022ع ۾ شهري علائقن ۾ نان فوڊ ۽ نان انرجي سالياني بنيادن تي بنيادي مهانگائي جي شرح 13.8 سيڪڙو رهي آهي. ڳوٺاڻن علائقن ۾ اهو 16.5٪