پي ٽي آءِ پاران پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ حمايتين ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي سڏ تي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن ملڪ گير احتجاج ڪيو، جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي جي مقابلي ۾ حمزه شهباز کي ڪامياب قرار ڏنو ويو


اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، پشاور، فيصل آباد، رحيم يار خان، سرگوڌا، شيخوپوره، گجرات، اٽڪ ۽ بهاولپور سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا


پي ٽي آءِ جي حمايتين مختلف شهرن ۾ ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي


لاهور ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پاران عوام کي روڊن تي اچڻ جي سڏ کانپوءِ ليبرٽي چوڪ تي سوين پي ٽي آءِ ڪارڪن گڏ ٿيا ۽ دوست مزاري جي حڪمراني خلاف نعرا هنيا


اسلام آباد ۾ دوست مزاري جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايف 9 پارڪ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ فيصلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن چاندني چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو


ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نرسري واري علائقي شاهراهه فيصل ۽ ڪلفٽن جي ٽن تلوار واري علائقي ۾ به احتجاج ڪيو ويو، جتي ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي تڪراري فيصلي خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا


پشاور ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي سڏ تي هشت نگري چوڪ تي سوين پي ٽي آءِ ڪارڪن گڏ ٿيا ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. خيبرپختونخواهه جي ٻين شهرن مان به احتجاج جا اطلاع آهن


حيدرآباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۾ آمهون سامهون ٿي ويا. جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو


فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ سربراهه جي سڏ تي گهنٽا گھر چوڪ تي سوين پي ٽي آءِ ڪارڪن گڏ ٿيا ۽ دوست مزاري خلاف ۽ عمران خان جي حق ۾ نعرا هنيا