Hot Posts

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 15 رپيا 50 پئسا گهٽتائي جو امڪان آهي


 

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن بابت نئين سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي 

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن لاءِ اوگرا ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي 

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، پيٽروليم شين تي لاڳو ٽيڪس جي شرح ۾ به گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويندو

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 12 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا سستي جو امڪان آهي 

اوگرا نئين قيمتن جي مقرري لاءِ 13 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت کي سمري موڪليندو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نئين قيمتن جو اعلان 15 آگسٽ تي ڪيو ويندو