Imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيف اليڪشن ڪمشنر (سي اي سي) خلاف جوڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 

چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جوڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 

پي ٽي آءِ قيادت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي ميمبرن ۽ حڪومتي وفد وچ ۾ ملاقات تي خدشن جو اظهار ڪيو

 

پي ٽي آءِ قيادت چيو ته سي اي سي سڪندر راجا سلطان اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٻه صوبائي اسيمبليون پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اليڪشن ڪميشن خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينديون ۽ ان حوالي سان قانوني ماهرن کي ڪارروائي شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي

 

ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن پي ٽي آءِ سينيئر فواد چوڌري چيو هو ته پي ٽي آءِ حڪمران اتحاد جي اڳواڻن سان ملاقات خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس آڻڻ تي غور ڪري رهي آهي

 

اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، اڳوڻي وفاقي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن سي اي سي کي طلب ڪيو جتي پي ٽي آءِ جي ممنوع فنڊنگ وارو معاملو بحث هيٺ آيو جيڪو ججن جي ضابطه اخلاق جي خلاف آهي جيڪو سڪندر سلطان تي به لاڳو ٿئي ٿو

 

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اعتراف ڪيو ته حڪومتي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرن سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو طلب ڪيو