مونڪي پاڪس وائرس


اسلام آباد (م ڊ) نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين مونڪي پوڪس جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو

 

سرڪاري ذريعن موجب، صحت جي اختيارين طرفان صورتحال کي ويجهي مانيٽر ڪيو پيو وڃي ۽ سڀني قومي ۽ صوبائي صحت جي اختيارين کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو مونڪي پوڪس جي ڪنهن به شڪي ڪيس لاء هاء الرٽ تي

 

بروقت پتو لڳائڻ ۽ نوٽيفڪيشن احتياطي تدبيرن تي فوري عملدرآمد لاءِ ضروري آهن ۽ سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو آئسوليشن ۽ علاج لاءِ تياري کي يقيني بڻائين

صحت جي عملدارن چيو ته لاڳاپيل صحت اختيارين ۽ سڀني سطحن تي پيشه ور، اسٽيڪ هولڊرز، خاص طور تي سينٽرل هيلٿ اسٽيبلشمينٽ سميت انهن مانيٽرنگ پوائنٽس آف انٽري کي پڻ چوڪيدار رهڻ لاءِ چيو ويو آهي