اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ ٺاهڻ جي اتحادي حڪومت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي آخري ڏينهن تي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته هن ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ به ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو. پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. ڊپٽي اٽارني جنرل جي حتمي دليلن بعد عدالت دليل مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو
