اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن کي ٽن ڏينهن اندر في خاندان 50 هزار رپيا امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي

 

وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ٻوڏ متاثرين علائقن ۾ سڀني متاثر گهراڻن ۾ 30 هزار بدران 50 هزار روپيه فوري طور تي فراهم ڪيا وڃن ، متاثر خاندانن ۾ 50 هزار روپيه ڪيش اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت ڏنا ويندا

وزيراعظم چيو ته متاثرن کي امداد جي فراهمي جي عمل کي شفاف رکيو وڃي، نقد امداد اليڪٽرانڪ منتقلي ذريعي فراهم ڪئي وڃي ۽ مستحق کي سندس حق ملڻ کي يقيني بڻايو وڃي، 50 هزار نقد امداد ورهائڻ جو منصوبو مڪمل ڪيو وڃي. رليف ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اڄ شام تائين رپورٽ پيش ڪري