لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سڪندر سلطان راجا جهڙو بي ايمان چيف اليڪشن ڪمشنر (سي اي سي) ڪڏهن ناهي ڏٺو

پنجاب ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ خلاف ٻئي ڏينهن به لبرٽي رائونڊ ابائوٽ تي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ 13 پارٽين، مڪاني انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن خلاف ضمني چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن جنهن طريقي سان چونڊون ڪرايون انهن کي سزا ڏني وڃي

عمران خان ڊسڪا جي ضمني چونڊ ۾ شڪست جو ذميوار چيف اليڪشن ڪمشنر کي قرار ڏيندي چيو ته هن سڪندر سلطان راجا جهڙو بي ايمان چيف اليڪشن ڪمشنر (سي اي سي) نه ڏٺو آهي، سندس پارٽي سينيٽ چونڊن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن ووٽن جي تصديق جي اجازت نه ڏني، جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي رشوت وٺندي رنگي هٿان پڪڙڻ کانپوءِ سينيٽ اليڪشن ۾ تاريخي هارس ٽريڊنگ ٿي. هن چيو ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر سان رابطو ڪيو پر رضا گيلاني جي پٽ خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ پوليس کي استعمال ڪيو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين ضمني چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ گهرن مان نڪرڻ تي عورتن جي به واکاڻ ڪئي. هن چيو ته اهي ڏينهن ويا جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪندڙ اليڪشن کٽي ويا، هن وڌيڪ چيو ته اي وي ايم مشينن تي ڌانڌلي نه ٿي ٿي سگهي پر ٻنهي پارٽين اي وي ايم جي مخالفت ڪئي