نيپرا حڪومت جي بجلي جي اگهن ۾ 7 رپيا 91 پئسا واڌ جي درخواست منظور ڪري ورتي
نيپرا حڪومت جي بجلي جي اگهن ۾ 7 رپيا 91 پئسا واڌ جي درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ اينڊ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ 7 رپيا 91 پئسا واڌ جي حڪومتي درخواست منظور ڪري ورتي آهي


نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اهو فيصلو وفاقي حڪومت طرفان يونيفارم ٽيرف بابت داخل درخواست تي جاري ڪيو ويو آهي. اختيارين وفاقي حڪومت جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي، بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ ٽن مرحلن ۾ وڌايو ويندو


اعلان موجب، واڌ جو اطلاق جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر کان ٿيندو، واڌ جو اطلاق لائف لائن ۽ محفوظ صارفين تي نه ٿيندو. ان فيصلي تي عملدرآمد وفاقي حڪومت جي نوٽيفڪيشن بعد ڪيو ويندو