آصف زرداري سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو: بلاول

لاهور (م ڊ) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حمزه شهباز جي چونڊ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ هڪ زرداري سڀني کي مات ڏئي ڇڏيو آهي


پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”ايڪ زرداري سب پي بهاري“ (هڪ زرداري سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي)


واضح رهي ته مسلم ليگ ن جو اميدوار حمزه شهباز ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو هو. پي ٽي آءِ اميدوار پرويز الاهي 186 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته حمزه شهباز 179 ووٽ حاصل ڪيا


جڏهن ته پرويز الاهي جي حق ۾ 186 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 (1) (اي) جو حوالو ڏيندي مسلم ليگ (ق) جي ايم پي اي جي 10 ووٽن کي ڳڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري اپوزيشن اتحاد جي پارلياماني قوت 176 ٿي وئي


پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جو لکيل خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ سندس پارٽي جي ميمبرن کي حمزا شهباز کي ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. ان ڪري ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قانون سازن چوڌري شجاعت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبرن جا سمورا ووٽ رد ڪيا