ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 20 جون کان 31 جولاءِ تائين برساتن جي مختلف واقعن ۾ 104 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

فوتين ۾ 47 مرد، 51 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن. ڪراچي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 44 ٿي ويو آهي، 44 مان 11 ضلعي ڏکڻ ۾، 10 ضلعي ملير ۾، 7 جو ڪورنگي ۾، 6 جو اوڀر ۾، 5 جو وچ ۾، 4 جو اولهه ۾ ۽ هڪ ڪماري ۾ فوت ٿي ويو آهي

جڏهن ته 22 جون کان 31 جولاءِ تائين مختلف حادثن ۾ 65 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 65 زخمين ۾ 28 مرد، 17 عورتون ۽ 20 ٻار شامل آهن

انگ اکر صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، سنڌ پاران جاري ڪيا ويا آهن

موسميات کاتي 31 جولاءِ تي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي. پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان ۾ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻوڏ سبب سڄي صوبي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي