اسلام آباد (م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ايندڙ هفتي تبديلين تي وڌيڪ مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 15 آگسٽ تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ممڪنه گهٽتائي سان گڏ نئين قيمتن جي مقرري جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي 

ٻئي طرف سمورين پيٽروليم شين جهڙوڪ هاءِ آڪٽين کي ڊيريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪيو ويو آهي

وزيراعظم شهباز شريف شاهد خاقان عباسي جي مشاورت سان پيٽروليم واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کان رپورٽ طلب ڪئي هئي پر ان معاملي تي مشاورتي عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

پيٽروليم ڪمپنين سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ٿينديون، 15 آگسٽ تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان متوقع، قيمتن جي نئين فارمولي جي منظوري به ڏني ويندي

قيمتون هفتيوار بنيادن تي مقرر ڪرڻ جو مقصد تيل درآمد ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي نقصان يا منافعي کي محدود ڪرڻ آهي، جنهن سان قيمتن ۾ ڦيرڦار جي ڪري عوام به جلدي فائدو وٺي سگهي ٿو، عالمي منڊي ۾ قيمتن جي اُٿل پٿل جو به فائدو ٿيندو 

حڪومت ايندڙ مرحلي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪرڻ تي به غور ڪري رهي آهي ته جيئن قيمتن جي مقرري ۾ حڪومتي مداخلت ختم ٿي وڃي ۽ تيل ڪمپنيون مارڪيٽ ريٽ مطابق قيمتون مقرر ڪن 

سرڪاري ڪمپني پي ايس او پيٽروليم ڪمپنين ۾ ڪنهن مافيا جي قيام کي روڪيندي، جيڪڏهن خانگي ڪمپنيون ڪارٽون ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ته پي ايس او ان کي ٽوڙي ڇڏيندو، ڊي ريگيوليشن عوام کي پيٽروليم شين جا حقيقي اگهه آڻيندي 

عاشورا جي موڪلن دوران به ان تجويز تي غور ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو، حڪومت اڳ ۾ ئي هاءِ آڪٽين جي ريگيوليشن کي ختم ڪري چڪي آهي، جنهن بعد شروع ۾ هاءِ آڪٽين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي پر پوءِ هيٺ اچي ويون هيون