ڪراچي: سنڌ جي رليف کاتي ڪراچي ڊويزن جي ملير ضلعي سميت 4 ڊويزنن جي 22 ضلعن کي آفت جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي رليف کاتي حيدرآباد ڊويزن ۾ حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٽنڊي محمد خان، دادو، سجاول کي آفت وارو علائقو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان سنڌ جي رليف کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رليف کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ٽنڊو الهيار، ڄامشورو ۽ مٽياري به آفت متاثر ٿيل ضلعن ۾ شامل آهن، جڏهن ته سکر ڊويزن جا سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعي کي مڪمل طور برسات متاثر قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻو ڊويزن جي لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي به آفت زدہ قرار ڏنو ويو آهي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، شهيد بينظير آباد ڊويزن، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز سانگهڙ کي به آفت متاثر قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ يو سي ڪنڌ جهنگ کي به آفت متاثر قرار ڏنو ويو آهي. ۽ ڪراچي ڊويزن جي ملير ضلعي جي يوسي گڊاپ ڳوٺ کي آفت متاثر قرار ڏنو ويو.

سنڌ رليف کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ تازين برساتن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. حادثن ۽ واقعن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هزارين گهر ڊهي پٽ ۽ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. مختلف علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت لکين برسات متاثر کليل آسمان هيٺ بيوس بڻيل آهن