اسلام آباد: عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 5 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي 

ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل ورلڊ فوڊ سيڪيورٽي اپڊيٽ رپورٽ موجب روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ غريب ملڪن کي خوراڪ ۽ قرضن جي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي 

رپورٽ موجب آفريقي ملڪ 40 سالن ۾ خوراڪ جي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ مهانگائي ٻٽي انگ ۾ آهي، مهانگائي 5 کان 30 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي 

ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ گذريل مالي سال دوران 25.9 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ سمورن گھٽ ۽ وچين آمدني وارن ملڪن ۾ خوراڪ جون قيمتون وڌيڪ آهن