راولپنڊي: ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جعلي ٽريول ايجنٽ سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

 

ايڪسپريس نيوز موجب ايف آءِ اي اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل فيض آباد ويجهو ڪارروائي دوران جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي موجب ٽريول ايجنٽ محمد جابر هڪ سادي شهري کي ڊنمارڪ جي ويزا ڏيارڻ جي آڇ ڪري 12 لک رپيا ڦر ڪري ورتا، جوابدار جي قبضي مان ڪيترائي پاسپورٽ پڻ هٿ ڪيا ويا

ٻئي طرف اسلام آباد ايئرپورٽ جي ايف آءِ اي اميگريشن عملو ڪارروائي ڪري جعلي سفري دستاويزن تي سفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن مسافرن سهراب خان ۽ عدنان علي اڪبر کي گرفتار ڪري ورتو

 

اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل اسلام آباد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي