سيوهڻ ۾ مسافرن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته خيرپور ۾ 6 ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا 

پوليس موجب سيوهڻ جي ڳوٺ بلال پور ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيلن ۾ هڪ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا

ٻئي طرف خيرپور جي علائقي پير ٻگهيو ۾ 6 ماڙ عمارت ڪرڻ سبب ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

امدادي ٽيمن حادثي ۾ جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ رينجرز جي مدد به ورتي پئي وڃي. ڪريل عمارت مان 20 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. عمارت ۾ 5 خاندان رهندا هئا

 

ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن سبب آيل ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته اڪثر متاثر علائقا اڃا تائين درياهه کي منهن ڏئي رهيا آهن