14 August 2022



ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ 14 آگسٽ جو ڏهاڙو ملهائڻ سان ئي 75 هين جشن آزادي پوري عقيدت ۽ احترام سان شروع ٿي وئي ۽ ماحول قومي نعرن ۽ قومي گيتن سان گونجي ويو

 

جشن آزادي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن کي بجلي جي لنگرن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته شهرن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ قومي  جهنڊا لڳايا ويا آهن

 

رات جا 12 وڳي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نوجوان قومي جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري آيا، جڏهن ته ڪراچي، پشاور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه لاهور، لبرٽي چوڪ، نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۽ ٻين هنڌن تي به شاندار آجيان ڪئي وئي. آتش بازيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو، آسمان مختلف رنگن ۾ رنگجي ويو

جشن آزادي جي موقعي تي ٻار، بزرگ، پوڙها، جوان، عورتون سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مادر وطن سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن

 

ڏينهن جي شروعات ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون، پر گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿيندي

 

گريٽر اقبال پارڪ (مينار پاڪستان) تي 10 منٽن ۽ جيلاني پارڪ (ريس ڪورس) ۾ 5 منٽن تائين شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. آتش بازيءَ جو دلڪش، دلفریب ۽ دل موهيندڙ نظارو ڏسي شهري بيحد خوش ٿيا