Hot Posts

اڄ 9 محرم الحرام جا ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن


 ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ يوم عاشور سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. ملڪ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا. علما ۽ زائرين امام حسين عليه السلام جي حقيقتن تي مبني تعليم ۽ ڪربلا سانحي جي مختلف رخن تي روشني وجهندا، اڄ نائين محرم جي سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا ويندا. ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾نڪتل  جلوس دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​واقعي کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي جا جامع انتظام ڪيا ويا آهن