ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾
دير بابت جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي ڌرين کي 22 آگسٽ تائين لکت ۾
جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه
رڪني بينچ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ دير بابت جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي
درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي
پي ٽي آءِ جي وڪيل راج علي وحيد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو
ته اليڪشن ڪميشن 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊون ڄاڻي واڻي ملتوي ڪيون
جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ چيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر سرڪاري مشينري کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب کي سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي
ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ 15 آگسٽ تي مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي. جماعت اسلامي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مڪاني چونڊن لاءِ 28 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته فوري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز ريٽرننگ آفيسرن کي موڪلي ڇڏيا. بيلٽ پيپرز وٽن آهن ۽ هو ڌانڌلي ڪري سگهن ٿا
تحريڪ انصاف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بيلٽ پيپرز محفوظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڌرين جا جواب اچڻ ڏيو، هر شيءِ جي تفصيل سان جاچ ڪندا. اسان بيلٽ پيپرز جي نگراني لاءِ مبصر مقرر نه ڪيا هئا
