Hot Posts

لسبيله ۾ هيليڪاپٽر ڪري تباهه، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا: آءِ ايس پي آر


 راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان جي ٻوڏ واري علائقي ۾ امدادي ۽ ريسڪيو آپريشن دوران گم ٿي ويل بدقسمت فوج جي هيلي ڪاپٽر جو ملبو موسيٰ ڳوٺ وندر وٽان مليو آهي

 

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار خبر جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت سمورن 6 آفيسرن ۽ جوانن شهيد ٿي ويا

 

هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب حادثو خراب موسم سبب پيش آيو