اسلام آباد: پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ چيو آهي ته هو هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهن

 

اسلام آباد ۾ فرينڊز آف سلڪ روڊ سيمينار کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي کيس افسوس آهي، هو هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهن. امدادي ۽ بحاليءَ جي ڪمن ۾ سرگرم حصو وٺندي

 

چيني سفير جو وڌيڪ چوڻ هو ته چين کان پاڪستان لاءِ امداد جي پهرين کيپ سڀاڻي رواني ٿيندي. 25000 خيما ۽ ٻيو امدادي سامان فوري طور ڏنو ويندو، پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي کي 300 آمريڪي ڊالر ۽ چيني تنظيمون 1500 ملين رپيا وزيراعظم رليف فنڊ ۾ ڏيندا

نونگ رونگ چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ٿي وئي آهي، پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري 640 ملين ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته هن سال چين ڏانهن پاڪستان جي برآمدات 4 ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي

 

سيمينار کي خطاب ڪندي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شدت پسندن کي استعمال ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ ويڙهاڪن جي ٻيهر صف بندي خطرناڪ آهي ۽ پاڪستان-چين لاڳاپن کي متاثر ڪري سگهي ٿي

 

سيمينار کي خطاب ڪندي سينيٽر مشاهد حسين چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. پاڪستان آمريڪا ۽ چين کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، سي پيڪ بهتر مستقبل جو ضامن آهي