دبئي: ريتي جي طوفان سبب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي مختلف رياستن ۾ بصارت متاثر ٿي 

عرب ميڊيا موجب يو اي اي جي مختلف رياستن ۾ سامونڊي طوفان سبب ٽريفڪ ۽ فلائيٽ شيڊول متاثر ٿيا. دبئي ۽ ابوظهبي ۾ ويسيبلٽي هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ ٿي وئي آهي


يو اي اي جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڊرائيونگ دوران خاص احتياط ڪن، اختيارين جو چوڻ آهي ته طوفان کانپوءِ متوقع تيز هوائن ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو پيو وڃي

اختيارين مختلف علائقن لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سخت ضرورت جي وقت ڊرائيونگ ڪن 

گذريل مهيني، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ متحده عرب امارات جي ڏکڻ ۽ اوڀر رياستن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا