اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف تازو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ رليف فنڊ قائم ڪيو آهي ۽ عوام خاص طور تي مخير حضرات کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ جي متاثرن جي ڀرپور مدد ڪن

غيرمعمولي برساتن سبب ٿيل نقصان جي نشاندهي ڪندي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ناقابل يقين حد تائين تباهي آئي آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ تمام وڏو جاني نقصان ٿيو آهي

 

وزيراعظم موجب معيشت جي مشڪل صورتحال جي باوجود حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 5 ارب رپين جو فوري عطيو ڏنو آهي

 

هن چيو ته ”انصار مدينه“ جي جذبي سان ٻوڏ متاثرن ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻارن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي

 

پرائم منسٽر رليف فنڊ 2022 اڪائونٽ نمبر G-12164 آهي، جتي ٻوڏ کان متاثر ٿيل ماڻهن لاءِ مالي مدد ڪئي ويندي