آرمي چيف کي ميرٽ تي مقرر ڪيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد بند ڪرڻ چاهيان ته آساني سان ڪري سگهان ٿو، سلمان رشدي کان وڌيڪ گندو ڪو به ناهي.

اسلام آباد ۾ عمران خان سان ڊجيٽل ميڊيا متاثرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته عوام مون سان گڏ بيٺو آهي، سڀني کي خبر آهي پر عوام جي حمايت سان وڏي ذميواري اچي ٿي، اڄ سوشل ميڊيا تي ڪا سازش ناهي پر سمت جي 
اصلاح نظر اچي رهي آهي.