دادو: شهر جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب شهر ٻوڏ جو خطرو بڻيل آهي. روڊ تلاءَ بڻجي ويا آهن. دادو جي کيرٿر رينج ۾ برسات سبب درياهه ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي 

تفصيل موجب گاج نديءَ سميت سنڌ جي اڪثر ندين ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو شهري آبادي کان رابطو ڪٽجي ويو آهي. علائقي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. ان کان علاوه مريد ببر جو ڳوٺ ۽ ٻيا ٻهراڙي وارا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جو خدشو آهي. سنڌ حڪومت پاران امداد نه ملڻ سبب مريد ببر جا رهواسي ڳوٺاڻن ۽ پنهنجن گهرن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن

ٻيڙين جي کوٽ سبب علائقي جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. پاڻي جي  ڀرپاسي واري علائقي جي رهواسين لاءِ خوراڪ سميت طبي سهولتن جو پڻ فقدان آهي. پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ  ۽ سنڌ انتظاميه ڪٿي به نظر نٿي اچي

برساتن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ کجين ۽ ٻين بيٺل فصلن کي تباھ ڪيو آهي

پاڪستان موسميات کاتي (پي ايم ڊي) سومر کان ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي