اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان سڀ ڪجهه جڙيل آهي، ٻئي طرف فيول جي اگهن ۾ واڌ سان عوام جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي 

سينيٽ ۾ پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن تي ڳالهائيندي سينيٽر مشتاق احمد ايوان ۾ بجلي جو بل کڻي آيو، هن چيو ته هڪ عورت جو بل آهي جنهن جو بجلي جو بل 700 ڪجهه رپيا آهي پر ان بل ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ شامل ڪري 7 هزار. رپيا بل اماڻيو ويو آهي 

هن چيو ته هن بجلي جي بل ۾ 11 قسم جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، اهڙا قدم اسان لاءِ ناقابل برداشت آهن. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 7 رپيا واڌ، ان قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ان سان عوام تي اضافي بار پوندو

سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته پ ڊي ايم  حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽجي رهيون آهن، جڏهن گذريل حڪومت وئي ته ڊالر 171 رپيا ۽ پيٽرول 150 رپيا في ليٽر هو