Hot Posts

متحده عرب امارات آرمي چيف جنرل قمر باجوه کي آرڊر آف دي يونين جو اعزاز ڏنو

 راولپنڊي: گڏيل عرب امارتن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ڪمانڊر آف دي يونين جو اعزاز ڏنو 

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري دوري دوران صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي 

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي يو اي اي جي صدر آرڊر آف دي يونين ميڊل سان نوازيو

ملاقات ۾ ٻطرفن دفاعي ۽ سڪيورٽي تعاون ۽ وچ اوڀر جي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي ڊگهي تاريخ هڪ پائيدار پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي رهي آهي