غزه: غزه تي اسرائيلي فوج جي ٽن ڏينهن جي وحشياڻي بمباري کانپوءِ آمريڪا ۽ مصر وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٿي ويو آهي جنهن تحت اسلامي جهاد ۽ اسرائيلي فوج هڪ ٻئي تي حملو نه ڪندا
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه تي اسرائيل جي ٽن ڏينهن
کان جاري بمباري ۾ اسلامي جهاد جي ڪمانڊر سميت 15 ٻارن سميت 44 فلسطيني شهيد ٿي
ويا جڏهن ته 350 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملا اسلامي جهاد
شدت پسند گروپ جي سينيئر ڪمانڊرن کي نشانو بڻائي رهيا هئا، جن اسان جي علائقي ڏانهن
راڪيٽ فائر ڪيا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو
