رياض: سعودي حڪومت طرفان عمره زائرين لاءِ خوشخبري اچڻ
جو سلسلو جاري آهي، جنهن موجب اختيارين زائرين جي ريپڊ پي آر سي ٽيسٽ ۽ ويڪسينيشن
جي شرط کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي
عالمي خابرو اداري موجب سعودي وزارت حج ۽ عمره جي تصديق ڪئي
آهي ته ٻين ملڪن مان ايندڙ عمره زائرين کي سعودي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پي آر سي ٽيسٽ جي
منفي نتيجن جي ضرورت نه هوندي پر عمره لاءِ ڪووڊ ميڊيڪل لازمي هوندو. هڪ انشورنس
اسڪيم حاصل ڪرڻ لازمي آهي
اهلڪارن عمري جي ويزا بابت وضاحت ڪندي وڌيڪ چيو ته سعودي
عرب ۾ رهڻ دوران حاجي مڪي ۽ مديني کان علاوه ٻين شهرن جو به سفر ڪري سگهندا. ان
کان علاوه هڪ خوشخبري اها به ڏني وئي آهي ته عمري لاءِ ايندڙ ماڻهو سعودي عرب ۾ 90
ڏينهن تائين رهي سگهن ٿا
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي اختيارين طرفان بيت الله
جي چوڌاري لڳايل رڪاوٽون به هٽايون ويون هيون، جنهن کانپوءِ سمورا عمره زائرين ۽
عبادت ڪندڙ بيت الله کي ڇهڻ کان علاوه حجر اسود کي به چمي سگهندا
