ڪوئيٽا: قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ سبب روڊ بند ٿيڻ سبب ٽرڪن ۾ پيل ڪروڙين رپين جو ميوو ۽ ڀاڄيون سڙي خراب ٿي ويون

 

ايڪسپريس نيوز موجب گڊز ٽرانسپورٽ ڪمپنين پاران نيشنل هاءِ ويز جي مسلسل بندش خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مال ٽرانسپورٽ ڪمپني مالڪن احتجاج ڪندي ڪوئيٽا چمن شاهراهه بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ننڍيون وڏيون گاڏيون ۽ ٽرالر بيهجي ويا

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌ ڏانهن ويندڙ شاهراهون گذريل 2 هفتن کان بند آهن، جنهن سبب ٽرڪن ۾ موجود انب، انگور ۽ ڀاڄيون سڙي ويون آهن. ميون ۽ ڀاڄيون خراب ٿيڻ سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي