پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

پرويز الاهي طرفان ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي 

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي


پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري اڌ رات جو کولي وئي


پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق جو گڏيل اميدوار پرويز الاهي ٻنهي پارٽين جي قانون سازن سان گڏ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري پهچي ويو


چوڌري پرويز الاهي طرفان پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي جيڪا سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي ڊپٽي رجسٽرار اعجاز گورايا کي ملي وئي