ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ موٽر وي 5 تي آئل ٽينڪر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ مسافر بس کي باهه لڳي وئي، 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا 

تفصيل موجب ملتان ويجهو اوچ شريف ۾ موٽر وي ايم 5 تي حادثو پيش آيو، جتي لاهور کان ڪراچي ويندڙ بس آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا 

حادثي کانپوءِ موٽر وي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. زخمين ۽ لاشن کي نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو ويو 

ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو مسافر بس جي ڊرائيور کي سمهڻ سبب پيش آيو

شروعاتي اطلاعن موجب فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي 

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي روڊ حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي 

لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي ڪمشنر ملتان کي بس حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي بهترين 

طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي