لاهور: پنجاب جي نئين 21 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو ۽ گورنر پنجاب بليغ الرحمان قسم کڻي ورتو 

ايڪسپريس نيوز موجب ميان اسلم اقبال، علي عباس شاهه، محسن لغاري، مور ملڪ، راجا بشارت، راجا ياسر همايون، عنصر مجيد نيازي، منيب سلطان چيما، سردار شهاب الدين، مراد راس، ياسمين راشد، خرم شهزاد، محمد هاشم ڊوگر، سردار آصف نڪائي، علي افضل صاحب، نوابزاده منصور علي خان، حسين گردیزي، غضنفر عباس ڇنه، لطيف نظر، حسنين دريشڪ ۽ محمود الرشيد حلف کنيو

حلف کڻڻ وارن ۾ رفعت علي گيلاني، تيمور لالي، ڪامران افضل ۽ خرم منور منج شامل آهن. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير 4 خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي 

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ملڪ احمد خان کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي، سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي