سيئول: ڏکڻ ڪوريا جي راڄڌاني ۾ 80 سالن جي تاريخ جي رڪارڊ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي 

عالمي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. مسلسل برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي


ٻوڏ جو پاڻي رهائشي علائقن، سب وي اسٽيشنن، رهائشي عمارتن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي گاڏين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. متاثر علائقن ۾ ڦاٿل شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو

برسات، ڪرنٽ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. هينئر تائين 7 ڄڻا گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي


موسميات کاتي موجب شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي 141 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي، جڏهن ته برسات جو اهو سلسلو اڄ به جاري رهندو