گڏيل قومن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، گڏيل قومن جي ترجمان ايري ڪنيڪو نيويارڪ ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي اداري متاثر علائقن ۾ حفظان صحت لاءِ 14 موبائيل ڪلينڪون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، گڏيل قومن ۽ ان جي انساني همدردي جي ڀائيوارن ملڪ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 300,000 ماڻهن کي کاڌو ۽ 55,000 ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪيو آهي، 71,000 ماڻهن کي هنگامي امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي، جن ۾ خيما، پلاسٽڪ جي ترپالون شامل آهن. کاڌ خوراڪ جا اسٽو، ڪمبل، سولر ليمپ ۽ گدا، 11 لک کان وڌيڪ گهر ڊهي تباهه ٿي ويا آهن ۽ 470,000 کان وڌيڪ ماڻهو ڪئمپن ۾ رهن ٿا، 5000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ روڊ ۽ 243 پل تباهه ٿي ويا آهن. هن هڪ بيان ۾ چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ سبب 16 لک ٻار متاثر ٿيا آهن، 18 هزار اسڪول تباهه ٿيا آهن